ڪشمور(ن س) ڪشمور م روينيو ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڪراچي ۾ مختيار ڪار منگھوپير جي وحشياڻي قتل خلاف ڪشمور ۾ روينيو ملازمن احتجاج ڪيو. روينيو ملازمن هٿن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي آفيسن کي تالا هڻي احتجاج ڪيو مختيار ڪار اعجاز احمد ٻرڙو ، خالد احمد کوسو محمد ملوڪ چاچڙ، شاهنواز دشتي، محمد پناھ کوسو زاهد حسين ملڪ ء ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مختيار ڪار اعجاز چانڊيو ڪراچي ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ ڪم دوران فائرنگ ۾ قتل جي اسين سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪورونا هجي يا ٻوڏ واري صورتحال، ڪا به اوچتي آفت هجي پر روينيو ملازم فرنٽ لائين تي عوام جي ھميشہ خدمت ڪئي آهي انهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مختيار ڪار جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي










