روهڙي ۾ روڊ حادثو، پيرسن ٽريلر هيٺان چيڀاٽجي فوت

روهڙي ۾ روڊ حادثو، پيرسن ٽريلر هيٺان چيڀاٽجي فوت

روهڙي (رپورٽرعبدالقدوس مھر): روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ نيشنل هاءِ وي تي پياري واھ وٽ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوار کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 52 ورهين جو پورهيت عبدالمالڪ پٽ الله ڏيوايو ڀٽي ٽرالر هيٺان اچي چيڀاٽجڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي جهانگڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقا اسپتال روهڙي منتقل ڪيو. پوليس موجب فوتي رائلٽي ناڪي تي منشي طور ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي رهائشگاهه نيو يارڊ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ملوث ٽرالر ۽ ان جو ڊرائيور تحويل ۾ ورتا ويا آهن، جڏهن ته واقعي بابت قانون موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي. ٻئي طرف اسپتال ۾ موجود وارثن حادثي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو