روهڙي (رپورٽرعبدالقدوس مھر): روهڙي ڀرسان قادرا پور ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ مبينا فائرنگ جي واقعي دوران روهڙي واسي نوجوان پورهيت برڪت علي پٽ علي مردان سولنگي قتل ٿي ويو. مقتول جو لاش وارث روهڙي کڻائي آيا، جتان قانوني ڪارروائين ۽ ضروري گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ مڙهه سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ان موقعي تي مقتول جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته برڪت علي کي مزدوري جي بهاني گهرائي بي دردي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار مصراڻي برادري سان واسطو رکن ٿا. هنن چيو ته مقتول محنت مزدوري ڪري پنهنجي گهرڀاتين جي گذر سفر جو واحد سهارو هو، جنهن جو بي رحماڻو قتل سڄي خاندان لاءِ وڏو صدمو آهي. وارثن واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائڻ، جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ تحفظ سميت انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي سکر کان پرزور مطالبو ڪيو آهي.










