اوٻاوڙو )ن سنڌيار)رونتي ٿاڻي جي حد مان ٻه نوجوان فاروق رند ۽ سعيد رند اغواه ٿي ويا آھن فاروق رند جي والد انور رند ٻنهي نوجوانن جي اغواھ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي وارثن جو چوڻ آھي ته فاروق رند ٿرپارڪر چائنا ڪمپني ۾ ملازم آھي جن کي پنهنجو سئوٽ سعيد رند 9 بجه سي پيڪ رونتي وٽ موٽر سائيڪل کڻي گاڏي تي ڇڏڻ لاء وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ٻئي ڄڻن کي ڌاڙيل اغوھ ڪري ڪچي طرف کڻي ويا آھن هوڏانهن ايس ايڇ او رونتي محمد ايوب ڊوگر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جا پيرا ڪچي طرف وڃي رهيا آھن جن جو پيڇو ڪرڻ لاء پوليس جي نفري ساڻ ڪري ڪچي طرف وڃي رهيا آھيون جلد ٻئي نوجوان بازياب ڪرايا ويندا










