ماسڪو(ويب ڊيسڪ)مقامي روسي ميڊيا موجب روسي فورسز ڇنڇر تي ٻن شهرن ۾ عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪندي شهرين کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ٿيڻ، طبي سهولتون ۽ ضروري سامان حاصل ڪرڻ جي انساني بنيادن تي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. يوڪرين جي ٻن شهرن ماريوپول ۽ وولونواخا ۾ فائرنگ دوران شهرين کي محفوظ رستي ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

روسي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”اسان يوڪرين سان گڏ محفوظ لنگهه ذريعي شهرين جي محفوظ انخلاء لاءِ تيار آهيون، جنهن ۾ ماريوپول ۽ وولونواخا ۾ جنگبندي ذريعي شهرين کي ڪڍيو ويندو. روس جي دفاع واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسان جون فوجون روسي وقت موجب ڇنڇر جي صبح 10 وڳي فائربندي ڪنديون.











