اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مملڪتي وزير مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته روس مان تيل جي سپلاءِ جاري رهي ته قيمتن ۾ فرق پوندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن روس مان اسان کي خام تيل جو ٽيون حصو ملڻ شروع ٿي ويو ته پوءِ قيمتن ۾ وڏو فرق پوندو ۽ ان جو اثر عوام جي کيسي تي پوندو. اسان جو ٽارگيٽ آهي ته خام تيل جو ٽيون حصو روس کان رعايتي قيمت تي اچي، جڏهن اسان پنهنجو هدف حاصل ڪندا ته تيل سستي اگهه تي ملندو، مان هن وقت اصل قيمت نه ٿو ٻڌائي سگهان، پر اهو ضرور ٿيندو. هڪ وڏو فرق ۽ عوام جي کيسي تي اثر انداز ٿيندو پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پهريون جهاز تازو ئي آيو آهي، اسان جو ٽارگيٽ آهي ته هڪ اڌ مهيني ۾ مسلسل روسي تيل وصول ڪرڻ شروع ڪيو وڃي.روسي تيل جي خريداري جي حوالي سان مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن معاهدن جي پاسداري ڪريو ۽ شفافيت برقرار رکو ته عالمي سطح تي ڪو مسئلو ناهي، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته سستو تيل عوام تائين پهچايون.پيٽروليم واري مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته اسان روس سان هڪ لک ٽن تيل جي خريداري جو معاهدو ڪيو آهي، جيڪو ٻن جهازن ۾ اچڻو هو، اسان روس سان هڪ لک ٽن تيل خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي.










