تحرير اعجاز ممنائي
شريعت اسلام ۾ روزي مان مراد خداوند عالم جي خوشنوديءَ خاطر صبح صادق کان مغرب تائين انھن شين کي ڇڏي ڏيڻ جو نالو آھي جن سان روزو باطل ٿيندو آھي مطلب ته رمضان المبارڪ سال جو اھو پاڪيزہ مھينو آھي جنھن ۾ برڪتن رحمتن ۽ نعمتن جي نزول جي بارش وسندي آھي معصومين مطابق تمام تعريف ۽ ساراھ ان الله جي لاءِ جنھن پنھنجي لطف ۽ احسان جي رستن منجھان ھڪ رستو پنھنجي ھن ماھ مبارڪ رمضان کي قرار ڏنو يعني رمضان المبارڪ جو مھينو اسلام جو مھينو پاڪيزگي ۽ طھارة جو مھينو، تصفيه ۽ تطھير جو مھينو عبادت ۽ قيام جو مھينو آھي جنھن ۾ تمام آسماني ڪتابن جو نزول ٿيو انڪري پوري انسانيت لاءِ ھي مھينو خوشيءَ جو قرار ڏنو ويو آھي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائين ٿا ته روزيدار لاءِ ٻه خوشيون آھن ھڪ ته افطاري ڪرڻ وقت فرحت محسوس ڪري ٿو ۽ ٻيو ته قيامت جي ڏينهن خدا جي خاص رحمت مان لطف اندوز ٿي خدا جي انعام جو حقدار بڻبو ان ڏينهن جنت جي خاص دروازي “ريان” مان کيس داخل ڪيو ويندو جيڪو صرف روزيدار لاءِ مخصوص آھي اھا روزيدار جي عظمت ۽ فضيلت آھي جو الله رب العزت انھن لاءِ خاص دروازو منتخب ڪيو آھي . ھاڻي ڪو اھڙو مومن نه ٿو ٿي سگهي جيڪو پنھنجي خالق جي انعام کان منھن موڙي جڏهن انسان دنيا اندر عام ماڻھن کان انعام وٺندي خوشي محسوس ڪري ٿو ته حقيقي مالڪ کان انعام وٺندي ڪيتري خوشي محسوس ڪندو ان جو اندازو لڳائڻ ممڪن ناھي خداوند ڪريم روزيدار لاء ستن صفتن جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو 1: ان جي جسم ۾ جيڪا واڌ ويجهه حرام مال جي ڪري ٿي ھوندي ان کي ختم ڪري ڇڏيندو2: خداوند ڪريم ان روزيدار کي پنھنجي رحمت، لطف ۽ ڪرم سان پنھنجي قريب رکندو 3: الله سائين ان روزيدار کي پنھنجي ڏاڏي آدم عليه السلام جي ترڪ اوليٰ جو ڪفارو قرار ڏيندو4: موت برحق آھي ۽ ھر نفس کي موت جو مزو چکڻو آھي پر الله تعاليٰ روزيدار کي سڪرات وقت آساني پيدا ڪندو 5: قيامت جو ھڪ ڏينهن ھزارن سالن جي برابر ھوندو پر روزيدار لاء خوشيء جو ڏينھن ان ڪري به ھوندو جو الله سائين کيس ان ڏينھن لڳڻ واري لکندڙ بک ۽ شديد اڃ کان محفوظ رکندو .6: روزيدار لاء وڏي خوشي اھا ھوندي ته الله سائين ان روزيدار کي جنت جي پاڪ و پاڪيزہ شين سان مھماني ڪندو ۽ اھي شيون کيس عطا ڪندو جيڪي ھن دنيا ۾ ڏٺيون به نه ھونديون 7: روزيدار تي الله رب العزت جي ھڪ وڏي ڪرم نوازي اھا ھوندي جو کيس جهنم جي زمين کان آسمان تائين ڀڙڪندڙ باھ کان امان ۾ رکيو ويندو ھاڻي جيڪڏهن ڪو انسان ايڏن چٽن انعامن جي باوجود خدا جي رحمت کان پري رھي پاڻ لاء جهنم جو سامان وٺڻ ٿو چاھي ته اھو بدنصيب چئبو ھڪ روايت ۾ آھي ته جيڪو شخص ماھ مبارڪ رمضان ۾ صحيح ايمان ۽ خالص نيت سان روزو رکندي پنھنجي اکين ڪنن زبان ۽ جسم جي ٻين عضون کي محفوظ رکندو ته الله رب العزت ان جي روزي کي قبول فرمائيندو ۽ ان جي اڳين توڙي پوين گناھن کي معاف ڪري ڇڏيندو انکي صابرن جو ثواب عطا فرمائيندو ڇوته الله سائين روزيدارن جي حق ۾ دعا ڪرڻ جي لاء پنھنجي فرشتن کي وڪيل قرار ڏنو آھي ۽ فرمايو آھي ته حضرت جبرائيل مونکي خبر ڏني آھي ته خدا جو حڪم آھي ته مون پنھنجن فرشتن کي ڪنھن مخلوق لاءَ دعا ڪرڻ جو حڪم ناھي ڏنو سواء ان جي جو انھن جي دعا کي مخلوق جي حق ۾ قبول ڪيو وڃي. روزو ته سمورو برڪتن ۽ خوشين سان ڀريل ھجي ٿو انجو مختصر ذڪر ريت ملي ٿو1: روزو صحت جي سلامتي: صحت خدا جي نعمت آھي پاڻ سڳورن صلعم جن فرمايو ته روزا رکو يا صحتمند ٿي وڃو .ان حديث جي روشنيءَ ۾ اڄڪلهه جي ترقي پذير دور ۾ انساني جسم سان تعلق رکندڙ ماھرن اھو نتيجو اخز ڪيو آھي ته روزو رکڻ ڪري انسان جي صحت تندرست رھي ٿي انڪري انساني معاشري جي صحت و سلامتيءَ لاءِ روزو مفيد آھي2: روزو شفاعت ڪندڙ: روزي جون جتي ھن مادي دنيا جون برڪتون ۽ فائدا بيان ڪيا ويا آھن اتي روزي جي اخروي فائدن کي به بيان ڪيو ويو آھي ته جيئن روزي جي وسيع ۽ ڪشادہ برڪتن جو پتو پئجي سگهي احاديث ۾ ملي ٿو ته روزو ۽ قرآن ٻئي قيامت جي ڏينھن روزي رکڻ واري ۽ قرآن پڙھڻ واري جي شفاعت ڪندا. اھو ئي سبب آھي جو ماھ مبارڪ رمضان جي جڏهن پھرين رات ٿيندي آھي ته الله تب العزت پنھنجي نظر رحمت سان پنھنجي تخليق يعني امت کي ڏسندو آھي ۽ جنهن به خوش نصيب کي اھا نظر رحمت شامل حال ٿي وڃي اھو دنيا ۽ آخرت ۾ خوشين سان مالامال ٿي ويندو آھي جڏھن ان روزيدار لاءِ افطار جو وقت ٿيندو آھي ته سندس وات مان ايندڙ بُوء الله سائينءَ جي ويجهو مشڪ ۽ عنبر کان وڌيڪ پاڪيزہ شمار ٿئي ٿي ان لاءِ فرشتا ڏينهن رات استغفار ڪندا رھن ٿا ۽ سندس لاءِ دعائون گهرڻ ۾ مصروف آھن رمضان المبارڪ جي آخري رات انھن روزيدارن جا سمورا گناھ بخش ڪيا ويندا آھن ڪنھن شخص عرض ڪيو ته يا رسول الله ڇا اھو ڪم شب قدر ۾ ٿيندو آھي؟ پاڻ فرمايائون تو انھن ڪم ڪرڻ وارن کي ڏٺو آھي جيڪي ڪم ڪندي ئي پنھنجي پوري اجرت ۽ مزدوري حاصل ڪري وٺندا آھن مطلب ته رمضان المبارڪ جو سڄو مھينو خداوند ڪريم جي فضيلتن، نعمتن ۽ برڪتن جي نزول جو مھينو آھي انڪري خداوند قدوس جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ بالغ، عاقل، مقيم (جيڪو مسافر نه ھجي) صحتمند(جيڪو بيمار نه ھجي) حيض ۽ نفاس کان سڄو ڏينھن پاڪ ۽ محفوظ عورت تي روزو رکڻ واجب آھي ان سان گڏوگڏ ھن مھيني ۾ ڪيل نيڪيون ٻين مھينن کان وڌيڪ ثوابدہ ھجن ٿيون انڪري ھن ماھ مبارڪ ۾ صدقو الله جي راھ ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ کي خاص اھميت ڏيندا ڪريو ان ۾ ئي الله سائينءَ انسان جي خوشيءَ جو راز رکيو آھي.










