روبيو سان ملاقات کان چيني هم منصب سان ڊار جي ملاقات

روبيو سان ملاقات کان چيني هم منصب سان ڊار جي ملاقات

نيو يارڪ(ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نيويارڪ ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران چين علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ مڪمل حمايت جو ٻيهر اظهار ڪيو۔
نيويارڪ ۾ ٿيل ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي تازين علائقائي اڳڀرائين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ ڳالهين ۽ سفارتڪاري بابت پاڪستان جي جاري ڪوششن تي پڻ بحث ڪيو ويو۔
اسحاق ڊار جي واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار مارڪو روبيو سان ملاقات کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪ-چين پرڏيهي وزيرن جي هن ملاقات کي سفارتي حلقن ۾ اهم قرار ڏنو پيو وڃي۔
ان کان اڳ اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينتونيو گوتريس سان به ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو