پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست، ڀارت ايشيا ڪپ کٽي ورتو
Sahibzada-Farhan

پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست، ڀارت ايشيا ڪپ کٽي ورتو

دبئي: (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بظاهر مضبوط بيٽنگ لائن لاءِ 147 رنز جو آسان ٽارگيٽ پپئي لڳو پر ڀارتي ٽاپ بيٽر دٻاءُ جو شڪار ٿيا.اننگ جي ٻئي اوور جي پهرين بال تي فهيم اشرف اسٽار بيٽر اڀيشڪ شرما کي حارث رئوف هٿان ڪيچ ڪرائي بريڪ ٿرو ڪيو. هن 5 رنز اسڪور ڪيون، جنهن بعد شاهين آفريدي ٻئي اوور ۾ آئوٽ آف فارم ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو کي هڪ رن ٺاهڻ بعد شاهين آفريدي سلمان آغا هٿان ڪيچ ڪرايو. چوٿين اوور ۾ فهيم اشرف 12 رنز ٺاهيندڙ شڀمن گل کي حارث رئوف هٿان ڪيچ ڪرائي ڀارتي ڪرائوڊ کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. 20 رنز تي ڀارت جا ٽاپ آرڊر جا 3 بيٽسمين پويلين واپس موٽي چڪا، جنهن بعد سنجو سيمپسن ۽ تلڪ ورما اسڪور اڳتي وڌايو. ٽيم جو نائون ۽ ابرار پهريون اوور ڪرڻ آيو ته سنجو سيمپسن جو آسان ڪيچ حسين طلعت ڊراپ ڪري کيس نئين زندگي ڏني. جنهن کي بعد ۾ ابرار جي بال تي صاحبازادا فرحان 13 هين اوور ۾ ڪيچ ڪيو، هن 24 رنز ٺاهيون. 19 هون اوور فهيم اشرف ڪرايو پر شروعاتي ٻئي بال ڊيڊ ڊڪليئر ٿيا، ڊاڪٽر آيا نيٺ هن اوور ڪرايو ۽ آخري بال تي شيوام ڊوبي جي وڪيٽ ورتي هن ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 33 رنز ٺاهيون شاهين آفريدي سندس ڪيچ پڪڙيو. آخري اوور حارث رئوف ڪرايو جنهن 4 بالن تي 13 رنز ڏئي انڊيا کي ميچ کٽائي ورتو. ڀارت 5 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. حارث رئوف فائنل جو مهانگو بالر ثابت ٿيو ۽ 3.4 اوورز ۾ بنا وڪيٽ 50 رنز ڏنيون.تلڪ ورما 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 53 بالن تي 69 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ڀارت کي ميچ کٽائي ورتي. ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، پاڪستان جي پوري ٽيم 20 اوور به نه کيڏي سگهي ۽ پنج بال باقي هئا ته پوري ٽيم 146 رنز تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان جون آخري 9 وڪيٽون صرف 33 رنز تي ڪري پيون. مڊل ۽ لوئر آرڊر بلڪل بري طرح ناڪم رهيو. ڀارت 16 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 111 رنز ٺاهي چڪي هئي. اوپنرز سلو اسٽارٽ ورت پر بعد ۾ بهتر فائونڊيشن فراهم ڪئي، صاحبزاده فرحان ڀارت خلاف ايشيا ڪپ ۾ ٻئي ففٽي اسڪور ڪئي. هو 3 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 38 بالن تي 57 رنز ٺاهي ورون چڪرورتي جي بال تي تلڪ ورما هٿان ڪيچ ٿيو. فخرالزمان 2 ڇڪا 2چوڪا هڻي 35 بالن تي 46 رنز ٺاهي ورون جي بال تي ڪلديپ نيئر هٿان ڪيچ ٿيو.صائم ايوب 14، محمد حارث زيرو، سلمان آغا 8، حسين طلعت هڪ، محمد نواز 6، شاهين آفريدي زيرو، فهيم اشرف زيرو، حارث رئوف 6 ۽ ابرار احمد هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿيا. بومرا،ورون چڪرورتي، اڪثر پٽيل ٻه ٻه وڪيٽون ۽ ڪلديپ نيئر 4 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو