رنبير ڪپور پيءُ بڻجي ويو

رنبير ڪپور پيءُ بڻجي ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور جوڙي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي گهر هڪ ڌيءَ جي پيدائش ٿي آهي.آچر جي صبح ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ته اداڪارا کي ڊليوري لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه عرصو اڳ عاليا پاڻ انسٽاگرام تي ڌيءَ جي پيدائش جي خبر شيئر ڪئي هئي.عاليا ڀٽ پنهنجي پوسٽ ۾ هڪ ڪارڊ شيئر ڪيو جنهن ۾ لکيل هو ته اسان جي زندگي جي بهترين خبر اچي وئي آهي.اداڪارا جو چوڻ هو ته هاڻي اسان والدين بڻجي ويا آهيون، اسان جي ڌيءَ اسان وٽ آئي آهي.عاليا ڀٽ جي انسٽاگرام پوسٽ تي بالي ووڊ انڊسٽري جي مشهور فنڪارن کيس مبارڪون ڏنيون، جڏهن ته مداحن طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار به جاري آهي.واضح رهي ته عاليا ڀٽ هلندڙ سال جون ۾ ٻار جي اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو.واضح رهي ته عاليا ۽ رنبير هلندڙ سال اپريل ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو