رمضان سحر ۽ افطار دوران بجلي فراهمي جو حڪم

رمضان سحر ۽ افطار دوران بجلي فراهمي جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري رمضان جي مقدس مهيني ۾ سحر ۽ افطار دوران بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي جو حڪم ڏنو آهي.اويس لغاري هدايت ڪئي آهي ته پاور ڊويزن جي انهن علائقن ۾ به سحر ۽ افطار دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي جتي نقصان گهڻو آهي.بجلي جي وفاقي وزير چيو هو ته سحر ۽ افطار کان سواءِ ٻين وقتن تي لوڊ مينيجمينٽ کي ترتيب ڏنو ويندو.ٻئي طرف سوئي سدرن ۽ سوئي سدرن رمضان دوران صبح 3 وڳي کان رات 10:30 وڳي تائين گئس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو