رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان ۾ سموگ سبب مختلف هنڌن تي ٽريفڪ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب سموگ سبب شهباز پور روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته تاج چوڪ صادق آباد ويجهو ڪوهيڙي سبب وين ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.موٽر وي پوليس موجب سنڌ ۽ پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ تيز سموگ سبب سکر کان رحيم يار خان ويندڙ ايم 5 موٽر وي کي بند ڪيو ويو آهي.










