رحيم يار خان: پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، وارثن جو احتجاج

رحيم يار خان: پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، وارثن جو احتجاج

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان جي پوليس اسٽيشن بي ڊويزن ۾ گارڊ اسڪواڊ جي اهلڪار جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، وارثن احتجاج ڪندي لاش اسپتال مان کڻائي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.وارثن انصاف جو مطالبو ڪندي چيو ته 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ جو پوليس سان جهيڙو ٿيو هو.پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته مقتول بلال کي 15 ڏينهن اڳ ڪوڙي اطلاع ڏيڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.پوليس موجب جيل مان آزاد ٿيڻ بعد بلال پوليس اسٽيشن تي سامان وٺڻ آيو هو. پوليس اهلڪار کي پستول صاف ڪرڻ دوران گوليون لڳيون.غفلت تي 3 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو