ظاهر پير (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان ويجهو موٽر وي تي تيز رفتار ڪار ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب حادثو موٽر وي ايم 5 ظاهر پير انٽرچينج ويجهو پيش آيو.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ٽڪر ايترو ته زوردار هو جنهن ۾ عورت ۽ ٻار سميت 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.ذريعن موجب بدقسمت ڪار ڪراچي کان ملتان وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب ٽائر ڦاٽڻ سبب بي قابو ٿي ٽرالي سان ٽڪرائجي وئي.ڪار ۾ 4 ٻارڙن ۽ 2 عورتن سميت 8 ڄڻا سوار هئا، جن مان 3 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ۽ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اهلڪارن حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي شيخ زيد اسپتال پهچايو.










