رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه قرار ڏئي واپس ڪرڻ جو اختيار ناهي

رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه قرار ڏئي واپس ڪرڻ جو اختيار ناهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت رجسٽرار جي اعتراضن خلاف چيمبر اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه (ناقابل سماعت) قرار ڏئي واپس ڪرڻ جو اختيار ناهي.جئسٽس حسن اظهر رضوي رجسٽرار جي اعتراضن خلاف چيمبر اپيل تي 6 صفحن تي ٻڌل حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رجسٽرار کي درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه قرار ڏئي واپس ڪرڻ جو اختيار ناهي، درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه، ان جو تعين صرف عدالت ئي ڪري سگهي ٿي، رجسٽرار آفيس صرف انتظامي نوعيت جا اعتراض مڙهي سگهي ٿي. عدالت قرار ڏنو ته رجسٽرار آفيس درخواست صرف رولز (قاعدن) جي خلاف دائر ٿيڻ تي واپس ڪري سگهي ٿي، ان ڪري رجسٽرار آفيس ڪنهن به صورت ۾ عدالتي اختيار استعمال نٿي ڪري سگهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو ته انتظامي آفيسر کي عدالتي اختيار ڏيڻ آئين ۾ درج اختيارن جي ورهاست جي خلاف آهي، رجسٽرار آفيس ڪنهن به آئيني درخواست کي غير سنجيده (سرسري) به قرار نٿي ڏئي سگهي. واضح رهي ته رجسٽرار آفيس رضيه اسلم جي آئيني درخواست 14 فيبروري تي ٻڌڻ جوڳي نہ هجڻ جو اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي، جنهن تي درخواستگذار رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف چيمبر اپيل دائر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو