رتوديرو  ۾  گهر تي ڪاهه، فائرنگ، ٻارڙي سميت 3 ڄڻا قتل

رتوديرو ۾ گهر تي ڪاهه، فائرنگ، ٻارڙي سميت 3 ڄڻا قتل

رتوديرو (ن س )رتوديرو ويجهو پراڻي دشمني تان ٻارڙَي سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، گذريل رات ڳوٺ بختيار ڪورڪاڻي ۾ جکراڻي ۽ ڪورڪاڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 ورهين جو غلام فريد ڪورڪاڻي، 24 ورهين جو محبت ڪورڪاڻي ۽ 5 ورهين جو وسيم ڪورڪاڻي قتل ٿي ويا، ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو ٽن ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي ورتي آهي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او رتوديرو کان رپورٽ طلب ڪئي وئي،پوليس موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ 2016ع کان عورت جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو