گجرات(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن شهباز گل تي تشدد واري معاملي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تي تنقيد ڪئي آهي.پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن پنهنجي اباڻي ڳوٺ منگووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز گل جي گرفتاري کانپوءِ پوليس بدتميزي ڪئي.اڳوڻي سينيٽر جو چوڻ هو ته پ پ جي دور ۾ سياسي قيدي نه هئا ۽ ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويو، اڄڪلهه تشدد جا طريقا اهڙا آهن جو جسم تي نشان به نه ٿا رهن. اعتزاز احسن چيو ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سياست پيپلز پارٽي لاءِ شرم جوڳي آهي.










