راڻا ثناءُ الله جي ڪهڙي حيثيت آهي،عمران جو صحافي کي جواب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سياسي مفاهمت ۽ سياستدانن وچ ۾ ڳالهين بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران صحافي سوال ڪيو ته ڇا هو سڪيورٽي مان مطمئن آهي؟ ان تي هن چيو ته ڪا به سيڪيورٽي ناهي، سڪيورٽي رڳو اسان جي آهي.صحافي سوال ڪيو ته راڻا ثناءُ الله چيو ته اهو توهان آهيون يا اسان؟ ان تي چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته هن جي ڪهڙي حيثيت آهي، توهان ڪنهن جو نالو ورتو آهي؟ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته هاڻي صحتياب ٿي ويا آهيو، ڪا ڳالهه ٻولهه ڪندا؟ پاڪستان ۽ ان جي عوام کي سياسي مفاهمت ۽ سياستدانن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي.ان تي عمران خان جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته مان ان تي بحث نٿو ڪرڻ چاهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو