ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بجلي جا واڌو بل موڪلڻ ۽ مهانگائي خلاف راولپنڊي ۾ جماعت اسلامي جو ڌرڻو 10 هين ڏينهن ۾ داخل، ڪراچي ۾ به ڌرڻو جاري، ڪراچي ۾ لڳل ڌرڻي واري هنڌ اڄ جلسو ٿيندو جلسي کي جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندو، ذريعن موجب جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان اڄ بل نه ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندو ٻئي پاسي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بجلي جو مسئلو ڌرڻن ۽ احتجاجن سان حل ٿيڻ وارو ناهي، ان جو واحد حل معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام آهي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته جن وٽ مهانگي بجلي جو حل آهي، اهي پنهنجا ماهر آڻي حڪومت سان گڏ ويهي حل ڪڍن، پاڪستان کي موجوده معاشي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ايڪسپورٽ ايمرجنسي جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڌرڻن سان مسئلا حل نه ٿيندا، برآمدات کي جلد 31 ارب مان وڌائي 100 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻو آهي










