اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائيندڙ اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺه اليڪشن ڪميشن جي ڪميٽي سامهون پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. ڪميشن جي جاچ ڪميٽي اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر کي بيان ڏيڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن نوٽيس اماڻيو هو.اليڪشن ڪمشنر راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺه جي ڌانڌلي جي الزامن تي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب ڊويزن جي سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز اڳوڻي ڪمشنر جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو. جاچ ڪميٽي راولپنڊي ڊويزن جي سمورن 6 ڊي آر اوز جا لکت ۾ بيان رڪارڊ ڪيا ويا.
مشهور خبرون










