راولپنڊي ٽيسٽ، پهرين ڏينهن 259 تي پاڪستان جا 5 بيٽر آئوٽ

راولپنڊي ٽيسٽ، پهرين ڏينهن 259 تي پاڪستان جا 5 بيٽر آئوٽ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ قومي ٽيم جي بيٽنگ جاري آهي. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ هن ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان شان مسعود ٽاس کٽڻ بعد پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين 5 وڪيٽن جي نقصان تي پاڪستان 259 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز شروع ڪئي. 35 جي مجموعي اسڪور تي امام الحق 13 هين اوور ۾ 2 چوڪا هڻي 35 بالن تي 17 رنز ٺاهي سائمن هرمر جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد عبدالله شفيق ففٽي مڪمل ڪئي پر 57 رنسون ٺاهي سائمن هرمر جي بال تي ڪائل هٿان ڪيچ ٿيو. بابراعظم به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 16 رنز ٺاهي ڪيشو مهراج جي بال تي ٽوني ڊي زرزوري هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان شان مسعود 87 رنز ٺاهي ڪيشو مهراج جي بال تي مارڪو جينسن هٿان ڪيچ ٿيو. تيسين پاڪستان جو اسڪور 200 کان مٿي ٿي چڪو هو. محمد رضوان 19 رنز ٺاهي ربادا جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو.سعود شڪيل 42 ۽ سلمان آغا 10 رنسون ٺاهي ڪيريز تي موجود آهن. قومي ٽيم جي ڪپتان شان مسعود موجب، اڄ جي ميچ لاءِ ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ٽيم ۾آصف آفريدي کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حسن علي کي آرام ڏنو ويو آهي. پاڪستان جي طرفان آصف آفريدي پنهنجو پهريون ٽيسٽ ميچ کيڏي رهيو آهي، جنهن کي شاهيـن شاهه آفريدي ٽيسٽ ڪيپ پارائي. آصف آفريدي 39 سال ۽ 299 ڏينهن جي عمر ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو. ڏکڻ آفريقا جي ڪپتان اِيڊن مرڪرم چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽون ها ته اسان به بيٽنگ ئي ڪريون ها. هن ٻڌايو ته پنڊي ٽيسٽ لاءِ ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن ڪيشو مهاراج ۽ مارڪو جينسن کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي هڪ-صفر جي برتري حاصل آهي. پاڪستان لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 93 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو