راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعو،چيف سيڪريٽري جونوٽيس

راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعو،چيف سيڪريٽري جونوٽيس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ڪراچي ۾ خانگي ڪمپني پاران راشن ورهائڻ دوران افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري انڊسٽريز کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. هن ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي، جتي به غفلت نظر آئي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن صحت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته عباسي شهيد ۽ ٻين ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. چيف سيڪريٽري سنڌ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو