ممبئي (ويب ڊيسڪ)افغانستان جي اسٽار آل رائونڊر راشد خان ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا سان سحري ڪندي تصوير شيئر ڪئي. انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) لاءِ ڀارت ۾ موجود راشد خان انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هن سان هاردڪ پانڊيا ۽ افغانستان جو رانديگر نور احمد گڏ آهي.تصوير سان گڏ پيغام ۾ راشد خان لکيو ته ڪيپٽن توهان اسان جي سحري ۾ شريڪ ٿيو، اسان کي سٺو لڳو.










