رئوف حسن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار، جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

رئوف حسن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار، جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن کي دهشتگردي جي ڪيس ۾ به گرفتار ڪري ورتو آهي، اي ٽي سي کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ رئوف حسن کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مٿس دهشتگردي جا قلم پڻ لڳايا ويا آهن. رئوف حسن کي گرفتاري بعد سي ٽي ڊي رئوف حسن کي اسلام آباد جي دهشتگردي ٽور عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رئوف حسن طرفان وڪيل علي بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران سي ٽي ڊي رئوف حسن جي پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد رئوف حسن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رماند ٽي سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو