رئوف حسن جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

رئوف حسن جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت رئوف حسن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا رئوف حسن جي رمانڊ تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڪيل علي بخاري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران سي ٽي ڊي رئوف حسن جي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.عدالت رئوف حسن جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي به 6 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو