لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44هين ورسي جي سلسلي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه امير بيگم ۽ مرحوم بيگم نصرت ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 4 اپريل يوم شهادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اسين هر سال هڪ وڏو جلسو منعقد ڪندا آهيون پر هن سال رمضان شريف جي مناسبت سان هي پروگرام هرضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم اڳواڻ هو جنهن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي ۽ملڪ کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو جنهن تحت هي ملڪ هلي رهيو آهي ۽ انهي سان گڏوگڏ ايٽمي پروگرام پڻ ڏنو ۽ ملڪ کي خوشحال بڻايو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو کي 4-3 جي متنازع فيصلي تحت ڦاهي ڏني وئي ۽ پوءِ انهن ججن مان ڪن چيو ته اسان مٿان سخت دٻاءُ هو جنهن تحت شهيد ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي ڇاڪاڻ ته اهو فيصلو مڙيو ويو ۽ اڄ به جيڪو سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو آيو آهي اهو به اسان مٿان مسلط ڪيو ويو آهي ۽ مان چوان ٿو ته ان جو طريقڪار واضع ٿيڻ گهرجي ۽ ان جو جامع حل ڪڍيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي چونڊون آئين مطابق نه آهن ان لاءِ متفقه لاءِ عمل هجڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پنهنجو آئيني حق رکون ٿا ۽ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ آئين موجود آهي جيڪڏهن ٻن صوبن ۾ اڳ ۽ ٻن صوبن ۾ بعد ۾ اليڪشن ٿيندي ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن جو 90 ڏينهن وارو مدو 15 يا 16 اپريل تي ختم ٿيندو ۽ سپريم ڪورٽ 14 مئي جي تاريخ ڏني آهي ته ڇا وري هڪ مهيني لاءِ ٻيهر نگران حڪومت ايندي. هن چيو ته اسيمبلي قانون سازي ڪندي ٽن سينيئر ججن کي سئوموٽو جو اختيار ڏنو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جا پنهنجا ئي جج فيصلي کي نه پيا مڃن ته عوام ڪيئن مڃيندو. هن چيو ته ججن جي ڏنل فيصلي تي اسين پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق رکون ٿا ڇاڪاڻ ته اسين آئين مطابق هلنداسين ۽ اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ۽ ڪنهن ٻئي جي مداخلت سان ڪجهه نه ٿيندو ۽ پ پ پ اليڪشن لاءِ هر وقت تيار آهي انهي سان گڏوگڏ سموريون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ گڏ ٿين ۽ کين گڏجي سوچڻ گهرجي ۽ جنهن اداري جي جيڪا ذميواري آهي اهو جن ان اداري کي ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون جماعتون ۽ جن پارٽين جي به صوبن ۾ حڪومت آهي اهي چاهين ٿيون ته اليڪشن متفقه طور تي هڪ ئي وقت ٿين ته جيئن ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي ۽ جمهوريت ترقي ڪري ۽ خاص طور تي صوبي سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي ۽ ان جو پڻ اهو موقف آهي ته ايندڙ اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمارچاولا، ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.










