ذوالفقار شاهه جو بلاول ريسرچ سينٽر نوابشاهه جو اوچتو دورو

ذوالفقار شاهه جو بلاول ريسرچ سينٽر نوابشاهه جو اوچتو دورو

نوابشاهه: (ن س) صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه بلاول ريسرچ سينٽر شهيد بينظير آباد جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن غير حاضر عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي کين معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سينٽر جي انچارج کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا.دوري دوران صوبائي وزير آثارِ قديمه کاتي جي ريسرچ سينٽر ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي فوري طور تي صورتحال بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته آثارِ قديمه کاتو انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو، ان جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي يا غفلت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته هو سنڌ ڀر ۾ ثقافت، سياحت، نوادرات ۽ لائبريرين جي ادارن جا سرپرائيز دورا ڪري پاڻ صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي، جيئن ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي.صوبائي وزير چيو ته بلاول ريسرچ سينٽر شهيد بينظير آباد کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ سان نوجوان نسل کي تحقيق، مطالعي ۽ تاريخي ورثي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي. سيد ذوالفقار علي شاهه خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن به اداري ۾ ڪو ملازم يا آفيسر غير حاضر مليو يا سندس غفلت سامهون آئي ته ان خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو