ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ذوالحج 1444 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرڪزي سويت هلال ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن تي چنڊ نظر اچي ويو آهي.هن چيو ته اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين ذوالحج 1444 هجري اڱاري 20 جون ۽ عيد الاضحيٰ 29 جون خميس تي ٿيندي.










