ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهرواري دُعا ڀٽو مڙس خلاف خلع جي درخواست واپس وٺي ڇڏي.دعا ڀٽو ملير جي فيملي ڪورٽ ۾ خلع جي دعويٰ داخل ڪئي هئي، جيڪا هاڻ هن رهائش جو سبب ڄاڻائي واپس وٺي ڇڏي آهي.دعا ڀٽو موقف اختيار ڪندي چيوته مان هاڻي ضلعي ملير کان اولڊ ڪراچي شفٽ ٿي چڪي آهيان جنهن ڪري ملير جي عدالت مان ڪيس واپس وٺي رهي آهيان، درخواست واپس وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي.عدالت خلع جي درخواست واپس وٺڻ تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته ايم پي اي دعا ڀٽو 25 هين آڪٽوبر تي فيملي ڪورٽ ۾ خلع جي درخواست داخل ڪئي هئي.










