دوستن سان گهمڻ ويل نوجوان فوت، قتل جو شڪ

دوستن سان گهمڻ ويل نوجوان فوت، قتل جو شڪ

شهدادڪوٽ(ن س) دوستن سان ڀٽ شاهه ۽ سيوهڻ گهمڻ لاءِ ويل شهداد ڪوٽ واسي نوجوان عاشق کوسو پراسرار نموني فوت، جمع تي سندس لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو. يار محمد بروهي پاڙي جي رهواسي فوتي جي دوستن عبدالمجيد مگسي ، محمد علي چانڊيو ، عابد ڀٽي ، غلام مصطفي مگسي ۽ شعيب ميرجت وارثن کي ٻڌايو ته هو ڀٽ شاهه کان واپس سيوهڻ اچي رهيا هئا ته آمري پل وٽ سنڌو درياء ۾ وهنجڻ لاء لٿا ته هو اونهين پاڻي ۾ هليو ويو ۽ ٻُڏي فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي نوجوان کي قتل ڪرڻ جا چوٻول پڻ آهن، هوڏانهن فوتي نوجوان جي گهر واري مطالبو ڪيو ته سندس مڙس جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي انڪوائري ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو