دودو ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ نوڪري ڏينداسين، شيخ

دودو ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ نوڪري ڏينداسين، شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تشدد سبب فوت ٿيل ٿرڪول جي پورهيت دودو ڀيل جو ڪيس وڙهڻ ۽ سندس گهرڀاتين کي ٿرڪول ۾ نوڪري ڏيارڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان وڏي وزير پاران جوڙيل 3 رڪني وزيرن جي ڪميٽي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ڪميٽي ۾ ته امتياز شيخ، سردار شاهه ۽ تيمور ٽالپر شامل هئا پر پريس ڪانفرنس ۾ تيمور ڪو نه هو، باقي ٻن ٻين ميمبرن سان گڏ، قاسم سومرو، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، پونجو ڀيل ۽ ويرجي ڪولهي موجود هئا. جن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  ته اسين دودو ڀيل جي وارثن سان گڏ آهيون، چوري جو ڪيس پنهنجي جاءِ تي پر گارڊز هٿان تشدد کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، دودو ڀيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ ۽ ٻن ٻين زخمي پورهيتن کي 50 پنجاه لک رُپيا معاوضو ڏنو ويندو. پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوٽيس وٺڻ ۽ ان جي هدايت تي اسلام ڪوٽ ۾ دودو ڀيل جي قتل واري معاملي تي جوڙيل جاچ ڪاميٽي جو چوڻ آهي ته دودو ڀيل سان جيڪو به ٿيو غلط ٿيو، جنهن به زيادتي ڪئي ان خلاف ڪاروائي ضرور ٿيندي، سنڌ سرڪار جي سخت هدايتن تي 8 گارڊز کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪمانڊر ڪاشف ۽ هڪ خانگي مئنيجر کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي انچارج کي معطل ڪندي کيس فارغ ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي آهي، هنن چيو ته اسلام ڪوٽ سيپيڪ جو منصوبو آهي، واقعي کانپوءِ پي ٽي آءِ پنهنجي سياست چمڪائي رهي آهي پر ائين ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏبو، جاچ ڪميٽي جو چوڻ آهي ته جن مٿان قتل جو ڪيس داخل ٿيو انهن هاءِ ڪورٽ مان ضمانت وٺي ڇڏي، ڪمانڊر ڪاشف، هڪ انجنيئر ۽ هڪ ٻي شخص کي ضمانت باوجود پڇا ڳاڇا لاءِ سڏايو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو