دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ اسپيڊ دريافت، ليب ٽيسٽ مڪمل

دنيا جي تيز ترين انٽرنيٽ اسپيڊ دريافت، ليب ٽيسٽ مڪمل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) انٽرنيٽ اچ ڪلهه جي دور ۾ هر انسان لاءِ تمام ضروري آهي ۽ زندگي جو حصو بڻجي وئي آهي. دنيا ۾ مختلف شعبن ۾ بهتري لاءِ سائنسدان ڪم ڪن ٿا ۽ روز نيون ايجادات ٿين ٿيون. اڄ اسان اوهان کي حيران ڪندڙ معلومات ڏينداسين ته برطانيا جي سائنسدانن نئين تحقيق ۾  انٽر نيٽ جي تيز ترين اسپيڊ دريافت ڪري ورتي آهي جيڪا 178 ٽيرا بٽس في سيڪنڊ(ٽي بي ايس) آهي. هي اسپيڊ جاپان جي محققن پاران دريافت ڪيل اسپيڊ کان پنجوڻ تي وڌيڪ آهي. سپر فاسٽ انٽرنيٽ جو ليب ۾ ڪيل تجربو ڪامياب ويو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي اسپيڊ موجوده آپٽيڪل فائبر لائن ذريعي استعمال ڪري سگهجي ٿي. موجوده آپٽيڪل فائبر 35 ٽي بي ايس ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ جون اهل آهن. هن تحقيق سان جڙيل يونيورسٽي ڪالج لنڊن جي اليڪٽرونڪس ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر لِڊيا گيلڊينو جو چوڻ آهي ته هو انهن کي بهتر ڪرڻ تي به تحقيق ڪن پيا ته انهن ۾ ايمپليفائر ۽ بينڊوٿ کي وڌائي انهن کي 178 ٽي بي ايس ڊيٽا ٽرانسمٽ ڪرڻ جي اهل بنايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو