دعوت اسلامي پاران ٽينٽ سٽي قائم،112 ٽينٽ لڳايا ويا

دعوت اسلامي پاران ٽينٽ سٽي قائم،112 ٽينٽ لڳايا ويا

شهدادڪوٽ( ن س) شهدادڪوٽ ۾ مذهبي جماعت دعوت اسلامي پاران ٽينٽ سٽي قائم ڪري 112 ٽينٽ لڳائي، متاثرن کي ٻن وقتن جي ماني، پيئڻ جي پاڻي، عام استعمال لاء پاڻي ۽ ميڊيڪل جي سهولت مهيا ڪري ڏنيون ويون آهن، دعوت اسلامي جي سماجي تنظيم فيضان گلوبل رليف فائوڊيشن ( ايف جي آر ايف ) پاران شهر ٻاهران پراڻي ٽيڪسٽائيل مل جي پلاٽ ۾ ساسولي پوليس چوڪي ويجهو ٽينٽ سٽي قائم ڪري 112 ٽينٽ لڳايا آهن جن ۾ 112 خاندن کي رهائش، ٻن وقتن جي ماني، پيئڻ جي پاڻي، عام استعمال جي پاڻي، رڌ پچاء لاء ڪاٺيون ۽ صحت لاء ميڊيڪل جي ڪئمپ لڳائي وئي آهي، ڪئمپ موجود دعوت اسلامي جي اڳواڻن علي خان عطاري، عامر مگسي عطاري، جاويد مدني ۽ ٻين چيو ته برساتي ٻوڏ تمام وڏي تباهي آندي آهي جنهن کي نظر ۾ دعوت اسلامي جي مرڪز سان ڳالهائي ڀرپاسي جي برسات متاثرن جي 112 خاندن لا ٽينٽ سٽي قائم ڪري انهن کي رهائش ڏني آهي هنن چيو ته قائم ڪئمپ ۾ متاثرن کي 2 وقت ماني، پيئڻ جي صاف، عام استعمال جي پاڻي ۽ صحت لاء ميڊيڪل ڪئمپ قائم ٿيم آهي جيڪا هر وقت موجود آهي هن چيو ته قائم ٽينٽ سٽي جي ماڻهن کي دين جي ڄاڻ ڏيڻ لاء ڪئمپ ۾ جاء نماز ۽ قرآن پاڪ جو درس ڏئي دين جي تعليم ڏيون پيا. هن چيو ڪئمپ ۾ بجلي نه هجڻ ڪري سولر سسٽم تحت پکا ۽ بلب لڳائي روشني جو بندوبست ڪيو آهي جڏهن ته ڪئمپ تي چوڪيدار ۽ پردي جو بندوبست ٿيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو