ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چشتيان مان حراست ۾ ورتل دعا زهرا ۽ سندس مڙس ظهير کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اڄ ئي ٻڌڻي لاءِ درخواست منظور ڪئي وئي آهي.پوليس اختيارين موجب دعا زهرا کي لاهور کان ڪراچي منتقل ڪري وومين پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته دعا زهرا جي مڙس ظهير کي اي وي سي سي جي حوالي ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دعا زهرا کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته نينگري جي ممڪنه پيشي کي ڏسندي نينگري جا والدين به عدالت پهچي ويا.جنهن بعد سنڌ حڪومت دعاءِ زهرا کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان باضابطا طور درخواست ڪئي.اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته هو دعا زهرا کي پيش ڪري بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهين ٿا، عدالت دعا زهرا کي اڄ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي، جنهن تي عدالت درخواست منظور ڪندي ڪيس اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.دعا زهرا ۽ سندس مڙس ظهير کي سخت سڪيورٽي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي دعا زهرا جي والدين پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر پوليس دعا زهرا جي والدين کي ڌيءَ سان ملڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.پنجاب مان بازياب ٿيل دعا زهريٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آھي، دعا زهريٰ عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضيءَ سان ظهير سان شادي ڪئي آهي دعا زھرا عدالت ۾ چيو تھ منهنجي عمر 18 سال آهي، پنهنجي مڙس ظهير سان گڏ رهڻ گهران ٿي، مان پنھنجي مرضي سان وئي ھيس سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ جي عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، رپورٽ اچڻ تائين کيس شيلٽر هوم منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي عدالت ۾ دعا زهريٰ جي والدين طرفان ڌيءُ سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عدالت جي اجازت بنا ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي










