دستگيرجي شهر مٿان ظلم جي انتها  شهري پريشان

دستگيرجي شهر مٿان ظلم جي انتها شهري پريشان

تحرير سيد زوار حسين شاهه

 سوال ته پيدا ٿيندا  جيڪڏهن ڪروڙين روپيا هوندي به  شهر جي صفائي سٿرائي يا شهر کي خوبصورت بنائڻ لاء هڪ روپيو به خرچ نه ٿئي ته پوء ڪنهن مٿان الزام هڻجي ، اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو پر مان  هڪ ڳالهه ڪندس ته چونڊيل نمائينده آخر پوء عوام سان ويسا گهاتي ڇو ٿا ڪن ، اهو به سوال آهي سنڌ جي شهرن جي ڳالهه ڪجي ته اتي سنڌ جي ناليواري شهر راڻيپور جو به تذڪرو ضرور نڪرندو ، راڻيپور هڪ ته راڻي جي نالي ڪري جڳ مشهور آهي ، بيو دستگير جي گادي ميت بودلح شاه شهنشاه سيد حاجنه شاه سرڪار  سميت هڪ ئي گهراڻي سان تعلق رکندڙ پير آف راڻيپور جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سڳا ڀائر هڪ ايم اين اي پير سيد فضل علي شاه جيلاني  جنهن اليڪشن 2018 ۾  پير سيد صدر الدين شاه راشدي کي  عبرت ناڪ شڪست ڏني  ۽ بيو ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاه جيلاني  عرف پيار سائين جيڪي ٻئي ڀائر آهن اها به تاريخ رهي آهي ته  هن گهراڻي کان  ڪنهن به اڄ ڏينهن تائين سيٽ ناهي کٽي سدائين پير عبدالقادر ساه جيلاني ئي ڪامياب ٿيندو رهيو آهي  ، پير سيد عبدالقادر شاه جيلاني جيڪو هڪ سخص پر مسرت بهترين ڪردار رکندڙ شخصيت جو مالڪ هو جيڪو هن وقت اسان يج درميان ناهي ، هي سنڌ جو واحد گهراڻو آهي جتي جنرل به ايندا آهن ته ڪئي اعلي اختياري به ايندا رهندا آهن  ٻيو پير بگن سائين جيڪو به اسان جي درميان ته هاڻ ناهي پر سورج دستگير سائين جيڪي درگاهه غوثيه جا سجاده نشين پڻ آهن  جن جو به هڪ وڏو نالو آهي  پير سيد اڌل سائين  پڻ هڪ بهترين شخصيت ٿي گذري اهي ان جا هن وقت فرزندن پير سيد فرزند علي شاه جيلاني ، پير مظفر شاه جيلاني ، جڏهن ته پير سيد معشوق علي شاه جيلاني پڻ  ف ليگ جا صوبائي رهنما آهن جڏهن ته سيد احمد علي ساه جيلاني ، جيڪو  پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ آهي جڏهن ته پير سيد آصف علي شاه جيلاني ، پير سيد فراز شاه جيلاني ، پير سيد عرفان علي شاه عرف بابو سائين سميت ڪيتريون ئي نامور شخصيتون هن شهر ۾ رهن ٿيون ، پر سوال اهو ئي آهي ته پوء هن شهر سان آخر ايترو وڏو ظلم ڇو ڪوئي آهي جيڪو هنن سوالن جا جواب ڏيئي ، سٽي پريس ڪلب  لائيو شيشن ۾  بهترين مهمانن تجزيه نگارن پڻ اهرا سوال پنهنجي  لائيو سيشن ۾  اٿاريا آهن پر حل هن وقت تائين ناهي هن وقت راڻيپور جي شهرين تي بس خدا پاڪ رحم ڪري باقي ڳالهه گهڻي آهي   راڻيپور شھر ۾ صفائي جو نظام درھم برھم مختلف محلن ۽ گلين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي تلاء جي صورت اختيار ڪري ويو ناليون ابتيون وھڻ لڳيون شھر گندگي جو ڍير بڻجي ويو شھرين جو چوڻ آھي ته ناھل ۽ ڪرپٽ راشي ٽائون آفيسر راڻيپور غلام مرتضي’ جاگيراڻي جي مقرري بعد شھر کي ھٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي ھر مھيني شھر جي ترقياتي ڪمن لاء لکين روپيه ايندڙ بجيٽ توڙ ٻين فنڊن کي ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽ ڪلارڪ ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا بل ٺاھي ھڙپ ٿا ڪن ان ڪرپشن جي پئسن مان ڪجھ بااثرن جا حصا پتين سان گڏ اينٽي ڪرپشن آفيسرن جو حصو پڻ ڪڍيو ٿو وڃي شھرين پاران سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته اسان جي شھر راڻيپور جي تمام اسڪولن وارين گلين ۾ گٽرن جو گندو پاڻي جمع ٿي ويو آھي جڏھن ته اسڪول ويندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت پريشاني کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ رستي ويندڙ مصافر توڙي شھري پڻ ڏکيائي کي منھن ڏئي رھيا آھن ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته راڻيپور جي ٽائون ڪاميٽي ۾ مقرر ڪرپٽ ٽائون آفيسر جيڪو ملزمن جي پگھار به ھڙپ ڪيون ٿو وڃي ڪوڙن بلن ٺاھن جا ماھر ٽائون ملازم پريل ملاح ۽ مجاھد منگي به ڪرپشن ۾ ڪرڻ ۾ ھن جا سھولتڪار بڻيل آھن شھرين وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه سيڪريٽري بلديات لوڪل گورنمينٽ سنڌ ۽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سکر کان پر زور مطالبو ڪيو آھي ته ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ ٿيل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ملوث آفيسرن کي ھٽائي سندن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي شھر ۾ صفائي جو انتظام بھتر ڪرائڻ لاء ھدايتون جاري ڪيون وڃن   راڻيپور ۾ ٽائون انتظاميا جي نااھلي سبب شھر گندگي جو بڻجي ويو ناليون ابتيون وھڻ لڳيون گٽرن جو گندو پاڻي مختلف محل گلين ۾ تلاء جي صورت اختيار ڪري ويو شھرين سان گڏ اسڪول ويندڙ شاگرد به سخت پريشان کي منھن ڏيڻ لڳا شھرين پاران ٽائون انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪرڻ جو چتاء ٽائون آفيسر اڪائونٽ ڪلارڪن سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن ۾ مصرروف آھي شھر ۾ صفائي جو ڪو انتظام ناھي. سرڪاري فنڊن ۾ خرد برد جي عوامي شڪايتن تي ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي آفيس اينٽي جو ڇاپو سڄو عملو آفيس مان کسڪي ويو اينٽي ڪرپشن ٽيم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ٻڌايو پيو وڃي ته سرڪاري فنڊن ۾ ڪروڙين روپين جي ھيراڦيري ڪرڻ جي عوامي شڪايتن بعد اعلي اختيارين جي ھدايتن تي سرڪل آفيسر خيرپور جنسار علي سومرو پنهنجي ٽيم سان گڏجي ٽائون ڪاميٽي جي آفيس تي اچانڪ ڇاپو ھڻي  مختلف مدن ۾ خرچ ڄاڻايل ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو رڪارڊ ھٿ ڪري ورتو آھي ـ ذريعن کان اھو به معلوم ٿيو آھي ته ڇاپي دوران ٽائون آفيسر غلام مرتضي جاگيراڻي جي اينٽي ڪرپش سرڪل آفيسر سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪرپشن ڪيل پئسن ۾ حصو پتي ڏيڻ جي آڇ جنھن ڳالھ تي  اينٽي ڪرپشن عملو رفو چڪر ٿي ويو جنھن شھرين پاران شديد غصي جو اظھار ڪندي چيو ته اسان مسلسل راڻيپور ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪروڙين روپين جي ٿيل ڪرپشن خلاف آواز اٿاريو ۽ شڪايتون ڪيون پر اڄ اينٽي ڪرپشن عملي جي ڇاپي لڳڻ سان ڪو فائدو نه ٿيو وري ڀلو اينٽي ڪرپشن عملي جو ٿي ويو اھي به ھاڻي راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي فنڊن  بجيٽ ئ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا شھرين اعلي’  اختيارن کان پرزور مطالبو ڪندي چيو آھي ته نيب سکر کان ٽائون ڪاميٽي راڻيپور ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي ، هڪ سوال عوام وري ڪرڻ چاهي ٿو ته هن وقت تائيبن راڻيپور ۾ جيئن ٽائون ڪاميٽي راڻيپور سابق چيئرمين پير سيد فياض حسين شاه جيلاني  مختلف ٽي ايم اوز جنهن ۾ سيد محب الله ساه راشدي ، ممتاز انڙ لٽيو ائين ڪنهن نه لٽيو پر هن وقت نئون ايڊيشنل چارج تي آيل ٽائون آفيسر  غلام مرتضا جاگيراڻي کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو پهريون به راڻيپور ٽائون آفيسر رهي ويو آهي  جنهن مٿان به ڪروپڙين روپين يج ڪرپشن جا ڪرا الزام عائد آهن راڻيپور جون سماجي تنظيمون شهرين پاران بار بار نيب اينٽي ڪرپشن ۽ بين ڏانهن  ڪرپشبن ڪندرن جي گرفتاري لاء درخواستون پن ڏنيون آهن لتيل دولت به واپس ڪرائڻ جون درخواستون پڻ ڪيون آهن ، پر هن وقت تائين ڪا خبر ناهي ، ته ڪنهن نوٽيس ورتو آهي  برحال جنسار علي سومرو ، سرڪل آفيسر خيرپور اينٽي ڪرپشن راڻيپور  جي ٽائون ڪاميٽي راڻيپور  مٿان چاپو هنيون پر ڪجهه به هٿ نه آيو   اهڙي  ڇاپي تي ب  سوشل ميڊيا تي ڪجهه قياس آرايون آهن سچ ڇا آهي  ، برحال  سياسي جنگ ڪري ڪافي عرصي کان تائون ملازمن جون اڪثر پگهارون بند ٿينديون رهيون آهن ڪڏهن ڇا ته ڪڏهن ڇا ، برحال  انتطار ڇا ڪيان ،   هن وقت شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي  صورت حال انتهائي خراب ٿي وئي آهي پر چونڊيل نمائيندهن جي بي حسي تي سلام پيش ڪيون ٿا ته ايم اين اي ، پير سيد جاويد علي شاه جيلاني ، ايم پي اي ، پير سيد احمد رضا ساه جيلاني ، عرف پيار سائين به اگهور ننڊ ستل آهن ، جڏهن ته سٽي پريس ڪلب راڻيپور  ، لائيوسيشن ب۾ به هر هڪ سائين جن کي هر پروگرام ۾ ياد ڪندا رهندا آهن پر  سائين جن وٽ عوام سان  مخاطب ٿيڻ لاء وقت ڏيڻ لاء پنهنجو پيغام پهچائڻ لاء  ناهي ، برحال اڪثر ٻڌندا آهن  اليڪشن ٿئي اليڪشن ٿئي اليڪشنم ٿئي ڏسنداسين ته ڇا ٿيندو ،

,

پهنجو تبصرو موڪليو