دراني جي شهباز سان جيل ۾ ملاقات شڪ پيدا ڪري ٿي,شاهد خاقان

دراني جي شهباز سان جيل ۾ ملاقات شڪ پيدا ڪري ٿي,شاهد خاقان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيل ۾ ملاقات حڪومت جي مرضي کان سواءِ نٿي ٿي سگهي. هن چيو  آهي ته محمد علي دراني جي شهباز شريف سان ملاقات ڪنهن جي چوڻ ۽ مرضي سان ٿي آهي اها ڳالهه شڪ پيدا ڪري رهي آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته جيل ۾ ملاقات حڪومت جي مرضي ۽ اجازت کان سواءِ نٿي ٿي سگهي. هن ملاقات ۾ مسلم ليگ ن جي سياست تي ڪوبه اثر نه پوندو.هن چيو ته شهباز شريف سمورا فيصلا پنهنجي پارٽي سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪندو آهي ۽ سمورا فيصلا  پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ئي ٿيندا آهن.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڪوٽ لکپت جيل ۾ شهباز شريف سان حڪومت جي اتحادي پارٽي مسلم ليگ فنڪشنل جي اڳواڻ محمد علي دراني ملاقات ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو