ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان خلاف ايشيا ڪپ 2025 جي سپر فور مرحلي واري راند ۾، سريلنڪا جي آل رائونڊر داسن شناڪا، ٽي ٽوئينٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ زيرو تي آئوٽ ٿيڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ابو ظهبي ۾کيڏيل ميچ ۾14 هون ڀيرو زيرو تي آئوٽ ٿيو. حسين طلعت هن کي آئوٽ ڪيو. زيرو تي آئوٽ ٿيڻ وارن ۾ داسن شناڪا کان پوءِ روانڊا جي مارٽن اڪائيزو، بنگلاديش جو سميه سرڪار ۽ آئرلينڊ جو اوپنر پال اسٽرلنگ اچن ٿا جيڪي 13، 13 ڀيرا زيرو تي آئوٽ ٿيا آهن. ياد رهي ته ايشيا ڪپ ٽي ٽوئينٽي ٽورنامينٽ جي سپر 4 مرحلي ۾، پاڪستان سريلنڪا کي 5 وِڪٽن تان شڪست ڏني هئي. پاڪستان ٽيم سريلنڪا جو 134 رنزن جو ھدف 18هين اوور ۾ 5 وڪيٽن تي حاصل ڪيو.










