خيرپور (ن س )خيرپور ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب، خيرپور جي علائقي پير جوگوٺ جي ڳوٺ هيبت خان بروهي ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جي 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو واقعو پيش آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته زهريلو کير پيئڻ سبب فوت ٿيندڙن ۾ ٻه ٻارڙا به شامل آهن.پوليس اختيارين موجب زهريلو کير پيئڻ سبب ٻن ٻارڙن سميت 6 ڄڻا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.










