خيرپور واسي 5 ڄڻا ڪنڌ ڪوٽ لڳ اغوا؟

خيرپور واسي 5 ڄڻا ڪنڌ ڪوٽ لڳ اغوا؟

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ٺيڙهي ڀرسان پلهه ڳوٺ جا رهواسي چار ڄڻا ڪنڌڪوٽ مان ڪار ڊرائيور سميت مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن ,وارثن پاران اغوا جي تصديق خيرپور ڀرسان ٺيڙهي ڀرسان ڳوٺ پلهه جا پورهيت ميرڻ عرف امير بخش, زاھد, ساجد پلهه ۽ غلام قادر ڊرائيور اشرف سولنگي سميت اغوا ٿي ويا آهن ٻڌايو وڃي ٿو ته انهن  پنجن جا موبائل نمبر بند پيل آهي جڏهن ته سندن جي وارثن پاران اغوا جي تصديق ڪئي وئي آهي هنن ٻڌايو ته اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي پر پوليس سندن کي بازياب ڪرائڻ لاء ڪي به قدم ناهن کنيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو