خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل جو چيف جسٽس کان استعيفيٰ جو مطالبو

خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل جو چيف جسٽس کان استعيفيٰ جو مطالبو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل چيف جسٽس آف پاڪستان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.خيبر پختونخواهه بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلط فيصلي جڊيشل سسٽم کي داغدار بڻائي ڇڏيو آهي، جڊيشل ضابطن ۽ پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.صوبائي بار ڪائونسل جي پڌرائيءَ موجب وفاقي حڪومت چيف جسٽس خلاف ريفرنس داخل ڪري، سينيئر ججن کي نظرانداز ڪرڻ جڊيشل ضابطن کي کليل ڀڃڪڙي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو