خيبرپختونخواهه حڪومت جو آئيني بينچن جي قيام تي غور

خيبرپختونخواهه حڪومت جو آئيني بينچن جي قيام تي غور

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت آئيني بينچ قائم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف جو چوڻ هو ته ڪي پي حڪومت مشاورت کانپوءِ آئيني بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪندي.هن چيو ته ڪي پي اسيمبلي جو اسپيڪر سرڪاري دوري تي پرڏيهه آهي، جڏهن هو واپس ايندو ته ان معاملي تي وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي.بئريسٽر سيف جو اهو به چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي به آئيني بينچن بابت ٺهراءُ پاس ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو