يارولنڊ( ن س) پوليس ناڪا بندي ڪري سومر موري واري علائقي مان خون جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار عبدالحميد پتافي کي گرفتار ڪري يارولنڊ ٿاڻي تي لاڪب ڪري ڇڏيوآھي پوليس موجب ته ٽي سال اڳ پتافي قبيلي جي وچ ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار جو مسئلو ڪيھرپتافي لانبردارپتافي وارن جو ھو جنھن تي ڳاڙھي ڌر دادلو پتافي ملان ڪريم بخش پتافي ڪيھر پتافي ميھرعلي عرف مھرو پتافي وارن حملوڪري لانبدار جي ڀاءُ عبدالغني پتافي کي ڳوٺ لعل پتافي لڳ ڪيھرموري وٽ قتل ڪري ڇڏيو ھو عبدالغني پتافي جي قتل بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا ھئا اڄ صبح جو ناڪا بندي دوران عبدالغني پتافي جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار عبدالحميد پتافي کي گرفتارڪيو ويو آھي.










