خوف ۾ ورتل سنڌ جي هندو برداري

خوف ۾ ورتل سنڌ جي هندو برداري

غلام حسين لغاري   
هڪ ڊگهي عرصي کان خاص ڪري اتر سنڌ جي سکر جيڪب آباد شڪارپور ۽ ڪشمور جي هندو برداري وڏي خوف و حراس ۾ ورتل ۽ اذيتن جو شڪار نظر آئي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اتان جا هندو ڪثنب پنهنجي ڌرتي پنهنجي سنڌ ڇڏي ڀارت ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري ويا۔اتر سنڌ جي هندن جي اغوا ۽ انهن سان ڦرن جا بيپناهه واقعا به پيش آيا جيڪي وڌي وڻ ٿيا نتيجي ۾ سنڌ جي ٻين هنڌن تي رهندڙ هندو برادري به متاثر ٿيڻ لڳي جنهن ۾ سکر جي پريا ڪماري جي اغوا يا گم ٿيڻ وارو واقعو مک آهي۔نياڻي پريا اڃا تائين ملي ناهي سگهي جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي هن وقت انجي بازيابي لاء ٻٻر لوء ۾ ڌرڻو هلي رهيو آهي پر حڪومت جي مٿي تي جون ناهي چري سنڌ جي هندو برداري سان زيادتين ۽ کين خوف ۾ وجهڻ واري رسم هاڻ ڪراچي جهڙي شهر تائين به پهچي چڪي آهي۔ڪراچيءَ ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران قتل ۽ ڦرن جا مختلف واقعا پيش آيا آهن جن ۾ پڻ هندو برادري کي نشانو بڻايو ويو آهي۔ گلشن حديد ۾ ڪي بي موبائل شاپ مالڪ چيتن ڪمار کان ڏينهن ڏٺي جو لکين رپيا ڪيش ۽ لکين ماليت جا موبائل فون ڦر ڪيا ويا جڏهن ته گڏاپ جي واپاري ديوان ڌرمداس ڪرپلاڻي جي گھر ۾ ڌاڙو هڻي سون، ڪيش رقم، موبائل ڦر ڪيا ويا جن جي ڪل ماليت 8 کان 10 ڪروڙ ٻڌائي وڃي ٿي جنهن سان نه صرف هندو برداري ۾ پر آسپاس رهندڙن کي به خوف ۾ وجهي ڇڏيو۔هنن وارداتن جو خوف اڃا ختم نه ٿيو ته مٿان ڏينهن ڏٺي جو ڪلفٽن جي ٽي تلوار واري علائقي ۾ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار کان 50 لک ڦر ڪري کيس گولي ھڻي قتل ڪيو ويو۔آڪاش ڪمار مشھور ۽ معروف فيڊ ملر ۽ ڪاٽن ملز وارن ديوانن جي فيملي مان ھو.پوليس هن واقعي ۾ ملوث ڪجهه جوابدار گرفتار به ڪيا آهن جن ۾ هڪ جوابدار هندو برادري سان ٻڌايو پيو وڃي بهرحال اھي سڀ واقعا انتھائي ڳڻتيءَ جوڳا آھن جنهن لاء سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نه صرف سخت نوٽيس وٺڻ گھرجي پر انهن جي روڪٿام ۽ اهڙن واقعن پويان ڳجهن هٿن کي به وائکو ٿيڻ گهرجي۔آڪاش ڪمار جي ڀاء رڙيون ڪري ميڊيا آڏو دانهيو آهي ته هندو برادري سان سنڌ ۾ جهڙا رويا آهن ته حڪومت بارڊر کولي ته هو ڀارت هليا وڃن سنڌ هاڻ هنن لاء امن واري ڌرتي ناهي رهي ڪراچي ۾ رونما بدامني وارا تازا واقعا ٻڌائين ٿا ته ڪراچي هن وقت محفوظ ناهي رهي۔نه رڳو هندو برادري کي پر ٻين مسلمان سنڌين کي جيڪي ڪراچي ۾ پورهئي ۽ پيٽ پالڻ لاء ڪراچي رهن ٿا تن کي ڳولي ڳولي قتل ڪري منجهن خوف و حراس پئدا ڪيو وڃي ٿو۔خاص ڪري افغان مهاجرن ته وڏي انگ ۾ سنڌي پورهيتن کي قتل ڪيو  آهي جيڪو عمل پڻ مذمت جوڳو آهي۔ايم ڪيو ايم وارن جي ان ڌمڪي کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي جيڪا ايم ڪيو ايم ميمبرن اسيمبلي اجلاس ۾ ٻورين بند لاشن جو ذڪر ڪيو هو ۽ ڌمڪي ڏني هئي۔هندو هجي يا مسلمان سنڌي هجي يا ڪو ٻيو بيگناهه کي قتل ڪرڻ هڪ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ لاء اپاء ورتا وڃن۔ڪراچي ۾ ڦر دوران مارجي ويل اشوڪ جي ڀاء جي جاري بيان جو نوٽيس وٺندي اهڙا اپاء ورتا وڃن جو ڪو به سنڌ جو هندو باشندو خوف مان سنڌ ڏرتي ڇڏي ڀارت نه وڃي۔اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن عوام مان خوف واري صورتحال جي اثرائتي خاتمي لاء اسيمبلي ۾ قانون سازي ٿيڻ گهرجي۔سنڌ ۾ اقليتن جي تحفظ ۽ ساڻن ٿيندڙ زيادتين لاء الڳ هڪ ڪاميٽي ٺهڻ گهرجي جنهن ۾ هندو پئنچاتن جا اڳواڻ به شامل هجن۔هن وقت تائين جيڪي به هندو توڙي ٻيا پورهيت جيڪي ڏوهارين جي حملن ۾ قتل ٿيا آهن يا ڦريا ويا آهن تن کي سنڌ سرڪار معاوضا ڏئي ۽ مقتولن جي پونئيرن کي سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏئي۔سنڌ ۾ صحافي به قتل ٿيا آهن انهن جي پونئيرن کي به روزگار سان لڳائڻ گهرجي۔هندو نياڻي پريا ڪماري کي ڳولي هٿ ڪري ماء جي جهولي ڀري وڃي پر ٻيون نياڻيون ۽ ٻار گم آهن تن جي بازيابي لاء ڪردار ادا ڪيوىوڃي۔

پهنجو تبصرو موڪليو