قاضي احمد(ن سنڌيار) قومي شاھراھه تي ريڻ شاخ وٽ حيدرآباد کان مورو ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿيڻ بعد شارٽ سرڪٽ سبب باھ لڳڻ سبب سڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن ٻارن ۽ ٽن عورتن سميت 7 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا. پوليس موجب سڙي فوت ٿيل مورو واسي ٻڌايا پيا وڃن جن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي. ڪار سوار مورو کان حيدرآباد طرف وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو. لاش سڙي وڃڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي، اطلاع تي موٽروي پوليس ۽ ريسڪيو عملدار موقعي تي پهچي لاش قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيا. پوليس موجب فوت ٿيندڙن 7 ڄڻن جو ئي جو تعلق مورو جي ڳوٺ کاھي ماڇي سان آھي.فوتين ۾ افضل سولنگي ولد محمد صديق سولنگي, ثمينا ڌيءَ محمد صديق سولنگي، مهڪ ڌيءَ محمد صديق سولنگي، خاتوني زال محمد عيسيٰ سولنگي، فلڪ ڌيءَ محمد عيسيٰ سولنگي، انعم ڌيءَ محمد عيسيٰ ۽ انيتا ڌيءَ محمد عسيٰ شامل آھن. ٻئي پاسي حادثي جي حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه ڊي آءِ جي ۽ ڪمشنر نوابشاھه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










