خوبصورتي، ذهانت ۽ مهارت کي ملايو ته صبا قمر ٺهندي؛ فلمساز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ادڪاره صبا قمر هڪ مڃيل ادڪاره آهي ۽ هو منفرد ادڪاري جي بدولت سڃاتي ويندي آهي. فلمساز سرمد کهوسٽ مطابق صبا قمر نه صرف ذهين ۽ ماهر اداڪاره آهي پر هو خوبصورتي ۾ به پنهنجي مثال پاڻ آهي ۽ هو پنهنجي نوعيت جو واحد پيس آهي. سرمد کهوسٽ پنهنجي ايندڙ فلم ڪملي جي شوٽنگ دوران اداڪاره صبا قمر سان گڏ نڪتل تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي ادڪاره جون تعريفون ڪيون. سرمد کهوسٽ ادڪاره سان گڏ انتهائي دوستاڻي انداز ۾ نڪتل تصوير شيئر ڪندي لکيو آهي ته ڪجهه اداڪارائون ايتريون باصلاحيت هونديون آهن، ڪجهه انتهائي خوبصورت هونديون آهن ته ڪجهه انتهائي ماهر هونديون آهن. فلم ساز لکيو ته جيڪڏهن مجموعي طور خوبصورتي، ذهانت ۽ مهارت کي ملائي ڪا شيءِ ٺاهڻي هجي ته اها صبا قمر ٺهندي. ان سان گڏ سرمد کهوسٽ شڪايتي انداز ۾ لکيو ته صبا قمر ان متعلق غلط سوچيندي آهي ۽ خيال ڪندي آهي ته هومون سان ڪڏهن به تصوير نه ڪڍرائي. سرمد کهوسٽ تصوير جي ڪيپشن ۾ پيش ٽيگ جو استعمال ڪندي ٻڌايو ته مذڪوره تصوير فلم ڪملي جي شوٽنگ دوران ورتي وئي. سرمد کهوسٽ جي تصوير کان پوءِ صبا قمر پڻ ڪمينٽ ڪيو ۽ فلم ساز کي پنهنجي جان قرار ڏنو. اداڪاره سرمد کهوسٽ جي تصوير سان گڏ تعريف تي شڪريو ادا ڪندي لکيو ته ڊرالنگ مان مذاق ڪري رهي هيس پر توهان سوشل ميڊيا تي ڳالهه ڪري ڇڏي. صبا قمر سرمد کهوسٽ کي ياد ڏياريو ته سمجهي وڃ تون منهنجي جان آهين.

پهنجو تبصرو موڪليو