دادو (ن سنڌيار) خلع لاءِ عدالت ويندڙ عورت مڙس هٿان قتل ٿي وئي، ڳوٺ عبدالحق جمالي لنڪ روڊ تي عورت مٿان فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب عورت اميران جتوئي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اميران جتوئي کي مڙس مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت عدالت ايندي قتل ٿي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.










