خرچن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ بچت جا قدم جاري رکڻ جو فيصلو

خرچن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ بچت جا قدم جاري رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت خرچن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ هلندڙ مالي سال ۾ ڪفايت شعاري جا قدم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا هلندڙ مالي سال ڪفايت شعاري جا قدم جاري رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا ڊويزن وفاقي ڪابينا جو فيصلو عملدرآمد لاءِ وزارتِ خزانه ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.گذريل 3 سالن کان خالي پيل سموريون آسيمون ختم ڪيون وينديون، نون عهدن (آسيمين) کي پيدا ڪرڻ تي پابندي برقرار رهندي ۽ هلندڙ مالي سال هر قسم جي گاڏين جي خريداري تي پابندي جاري رهندي.مشينري ۽ اوزارن جي خريداري تي پابندي کي برقرار رکيو ويو آهي، سرڪاري خرچن تي ملڪ کان ٻاهر علاج ڪرائڻ تي پابندي برقرار رهندي، جڏهن ته سرڪاري خرچ تي غير ضروري پرڏيهي دورن تي پابندي جاري رهندي.وفاقي وزارتِ خزانه پاران ڪفايت شعاري جا قدم جاري رکڻ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو