ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري خرم شاهه جي بازيابي جو ڪيس گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي سان لاڳاپيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته گم ٿيل شهري ذوالفقار، مهراڻ، شاهه جهان ۽ سارنگ واپس اچي ويا آهن.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ذوالفقار ميراڻي هڪ پوليس آفيسر آهي ۽ هو چوي ٿو ته هو ذهني مسئلن سبب گهر ڇڏي ويو هو.پوليس گم ٿيل شهري اسدالله جي گرفتاري جو انڪشاف ڪيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوليس کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي.ان تي عدالت پنهنجا ريمارڪس ڏنا ۽ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي درخواست تي ڪيس ڪيئن ختم ڪرڻ جي درخواست ڪري رهيا آهيو؟ توهان جي درخواست بازيابي سان لاڳاپيل هئي، جيڪا هاڻي غير موثر ٿي چڪي آهي.










