غلام نبي مڱريو
گذريل سال 2022 ۾ مون سون جي تيز برساتن جي تباهڪارين سبب ڪيترائي مسڪين ماڻھو بي گھر ٿي ويا آھن ھڪ طرف مهانگائيءَ جو راڪاس لامارا ڏئي ڏئي رھيو آھي تہ ٻئي طرف قدرتي آفتن ۽ سنڌ حڪومت جي سستي سبب انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهن گذريل تيز برساتن سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا هئا جنھن ۾ سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ھئو تہ برسات ۾ فوت ٿيل جي وارثن کي ڏھ لک روپيا ڏنا ويندا پر افسوس جو سنڌ حڪومت جا ھر ڀيري جيئان اعلان ئي اعلان رھجي ويا آخر عمل ڪرائڻ ڪنھن جي وس ۾ آهي؟ ٻئي طرف سنڌ حڪومت پاران ھڪ ٽيم جوڙي ھئي تہ برسات جي دؤران جن بہ ماڻھن جا گھر ڪري پيا ھئا يا ڪنھن جي جاءِ کي نقصان پھتو آھي تہ سنڌ گورنمينٽ ان جي مالي مدد ڪندي جنھن سبب ھڪ استاد ۽ پاڪ آرميءَ جي نوجوان تي مشتمل ٽيم جوڙي انھن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڊاريڪٽ متاثرين جا نالا سنڌ حڪومت حوالي ڪيا وڃن تہ سنڌ حڪومت جيئن انھن جي مالي مدد ڪري سگھي، ڇا اھا سروي غلط ھئي جو ھاڻي ٻيھر سافڪو تنظيم پاران ڪرائي پئي وڃي، پر افسوس جو گذريل ست مهينا گذرڻ باوجود اھي پئسا يا انھن کي جايون نہ ٺھرائي ڏنيون ويون آهن جنھن سبب متاثرين ذھني مريض بڻجي چڪا آهن وري گذريل ھڪ ھفتي کان سوشل ميڊيا تي ڪجھ لسٽون گردش ڪري رهيون آهن جنھن م متاثرين جا نالا شامل آهن تہ ٻئي طرف مختلف ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن پيون تہ انھن گھرن جي سروي ٻيھر اين جو اوز ڪنديون يا وري درخواستون روينيو کاتي ۾ جمع ڪرائڻون پونديون پر افسوس جو سروي ۾ پاڪ آرمي پي ڊي ايم روينيو ۽ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن پاران شفاف سروي ڪرڻ باوجود آخر سنڌ حڪومت ڇو اھڙا بھانا پيش ڪري رھي آھي گذريل ھفتي 21 مارچ کان 24مارچ تي ٻيھر برسات پوڻ سبب متاثرين جي اھنجن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ان جو وڏو سبب اھو آھي تہ سنڌ حڪومت ھن وقت تائين سندن جي مالي مدد ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي جنھن سبب ڪيترائي بي گھر مزدور ۽ ڏھاڙيدار طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ڇو تہ ھو گھر ھن مھانگائيء واري عالم ۾ ورتل آهن جيتوڻيڪ ھو پنھنجو پيٽ غذر بہ مشڪلاتن سان ڪري رھيا آھن تہ اھي مسڪين ماروئڙا ڪيئن پنھنجي گھر اڏي سگھندا ڪيترائي غريب ماڻهو بي غير ٽينٽن تڙپالن ۽ ڏارون پيل گھرن ۾ گذاري رهيا آهن اگر ان سبب ڪنھن جو موت واقع ٿئي تہ پوءِ ان جو ڪيس ڪنھن مٿان داخل ٿيڻ گھرجي..!!؟ جيڪڏھن وري ٻھراڙيءَ جي ڳوٺن جي ڳالھ ڪجي تہ انھن جي ڳوٺن ۾ ھن وقت تائين چار کان پنج فوٽ پاڻي بيٺل آهي جنھن سبب ھڪ طرف ھو سخت مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهن تہ ٻئي طرف انھن جي سرزمينن تي ھن وقت تائين پاڻي موجود ھئڻ سبب انھن جا فصل نہ ٿي سگهيا آهن جنھن سبب انھن جي پريشاني اڳ کان بہ وڌي چڪي آهي، پاڪستان جي وزير اعظم شھباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سميت وس وارن کي گھرجي تہ ان معاملي تي جلد کان جلد غور ڪري ڳوٺن ۾ بيٺل برساتي پاڻيءَ جي نيڪاليء جو جلد کان جلد بندوبست ڪن تہ جيئن اھي پنھنجي غيرآباد زمينن کي ٻيھر آباد ڪري سگھن ۽ متاثرين جي مليل رقم متاثرين تائين پھچائي وڃي تہ جيئن اھي متاثرين پنھنجا گھر اڏي ٻيھر آسانيءَ سان زندگي گھاري سگھن.










