مانجهند(ن س) خاڻوٺ ويجهو انڊس ها۽ وي تي ڄامشورو کان دادو طرف ويندڙ ڪار ۽ سيوهڻ کان حيدرآباد طرف ويندڙ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪراچي گڏاپ واسي 40 ورهين جو پپو مل موقعي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ساڻس گڏ ڪيلاش ٻارڙا شنڪر۽ اشوڪ زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو. خاڻوٺ پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
مشهور خبرون










